پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪرڻ خلاف اپوزيشن جو گوڙ، اجلاس ڪينسل

اسلام آباد(بيورور رپورٽ) خورشيد شاهه جي گرفتاري ۽ اپوزيشن جي گرفتار ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪرڻ خلاف قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن هنگامو برپا ڪري ڇڏيو. اجلاس جي ڪارروائي ۾ خلل وجهڻ سبب اسپيڪر جمع 20 سيپٽمبر تي سڏايل اجلاس ڪينسل ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت ۽ اپوزيشن جا ميمبر هڪ ٻئي تي تنقيد جا تير وسائيندي هوڪرا ڪندا رهيا. اپوزيشن جي ميمبرن ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي هو سيٽون ڇڏي اسپيڪر ڊائيس آڏو  گوڙ ڪندي نعريبازي ڪندا رهيا ۽ اسپيڪر جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو، ان کان اڳ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت ۾ ڪاروائي شروع ٿي ته هن ايوان کي ٻڌايو ته چيئرمين نيب اطلاع ڏنو آهي ته خورشيد شاهه کي بدعنواني جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. جنهن تي اپوزيشن وارن گوڙ ڪيو ته گرفتار اڳ ۾ ڪيو ۽ اطلاع بعد ۾ ڏنو ويو، اوهان ايوان جا ڪسٽوڊين آهيو، ميمبرن جي حقن جو تحفظ اوهان جي ذميوراي آهي جيڪا پوري نٿا ڪريو. سيد نويد قمر چيو ته موجوده حڪومت فوجي آمرن کان به بدتر آهي. خواجا آصف چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ پرڏيهي فنڊنگ وارو ڪيس به پيو آهي گهٻرايو نه، هن چيوته اسپيڪر پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪري قانون جي خلاف ورزي پيو ڪري اسين عدالت ۾ وينداسين. اپوزيشن جا ميمبر ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي آيا. جنهن تي مراد سعيد چيو ته مان سمجهو هي ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن خلاف احتجاج ڪندا پر هنن کي پنهنجو مسئلو آهي. هو ته ڪشمير جو ڪيس خراب ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين نيب کي مقرر مسلم ليگ (ن) ۽ پي پي وارن پاڻ ڪيو هو، اسان ته هن کي ڪونه لڳايو آهي. هوڏانهن سکر، روهڙي، پنوعاقل، صالح پٽ، ڪنڌ ڪوٽ ۽ غوثپور مان نمائندن موجب سيد خورشيد شاهه، آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي  گرفتارين خلاف احتجاجي جلوس ڪڍيا ويا ۽ شهر بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو