اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي 3 ايم پي او تحت نظربندي معطل ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا اسلام آباد ۾ هڙتال ٿي آهي؟ ڪنهن جلوس ڪڍيو؟ ان تي پرويز الاهي جي وڪيل چيو ته سندس موکل ڪو به جلسو، جلوس يا هڙتال ناهي ڪئي.شهريار آفريدي خلاف اهڙو حڪم جاري ڪرڻ تي ڊي سي اسلام آباد خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جاري آهي.عدالت پڇاڻو ڪيو ته پرويز الاهي کي پهريون ڀيرو ڪڏهن گرفتار ڪيو ويو؟ وڪيل چيو ته پرويز الاهي کي پهرين جون تي گرفتار ڪيو ويو هو.جسٽس طارق محمود جهانگيري چيو ته پرويز الاهي 3 مهينن کان جيل ۾ آهي. جنهن بعد عدالت پي ٽي آءِ جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي نظربندي معطل ڪندي 3 ايم پي او تحت آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت ڊي سي اسلام آباد کي اڱاري لاءِ نوٽيس جاري ڪندي پرويز الاهي کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پرويز الاهي ايندڙ ٻڌڻي تائين بيان نه ڏيندو.
