پراپرٽي ڪمپني جو هر ملازم لاءِ 78 لک جو بونس

ميري لينڊ (ويب ديسڪ) آمريڪي رياست ميري لينڊ جي هڪ پراپرٽي جي ڪمپني پنهنجي ملازمن کي 50 هزار ڊالر يعني 78 لک روپيا بونس طور ادا ڪيا آهن. سرپرائيز تقريب ۾ ملازمن کي جڏهن خوشخبري ڏني وئي ته ڪيترائي ملازم جن ۾ عورتون به شامل هيون خوشي مان لڙڪ لاڙي ويٺا. سي اين اين جي هڪ رپورٽ موجب سينٽ جان پراپرٽيز محنتي ملازمن کي وڌيڪ بونس ڏنو گهٽ محنتي ملازمن کي گهٽ رقم ملي. ڪمپني جي لاءِ ڪجهه نه ڪندڙ ملازمن ۽ هڪ ٻه ڏينهن اڳ م نوڪري جوائن ڪندڙن کي به 100 ڊالر بونس مليو آهي. ملازم بي حد خوش هئا ۽ سندن چوڻ هو ته ان رقم مان هو گهر خريد ڪندا، ڪنهن چيو ته هو ٻارن جي اعليٰ تعليم تي خرچ ڪندا. ملازمن کي اڳ ۾ بي خبر رکيو ويو ۽ هڪ دعوت ۾ شرڪت لاءِ چيو ويو هو جنهن ۾ اوچتو کين بونس ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو