ٽنڊومحمدخان (ن س)ٽنڊومحمدخان جي گاجا سب ڊويزن نئي گوني اندر پاڻي جي کوٽ نيٺ آبادگارن کي احتجاج تي مجبور ڪري ڇڏيو. نئي گوني مان زرعي زمينون آباد ڪندڙ آبادگار جو شھري اتحاد صدر نورحسن کوکر جي اڳواڻي ھيٺ سجاول روڊ نئي گوني آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو . انھي موقعي تي شھري اتحاد صدر نورحسن کوکر احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي چيو ته . عجيب صورتحال آھي ھڪ طرف سنڌ سرڪار زراعت کي ھٿي ڏيارڻ جا اعلان ڪري رھي آھي ۽ ٻئي طرف وري سندن آبپاشي کاتي ھتان جي ھزارين ايڪڙن تي مشتمل زرعي زمينن جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آھي جنھن سان ننڍن آبادگارن کي فصلن جي پوکائي ۾ شديد مشڪلاتون پيش اچي رھيون آھن ھن آبپاشي وزير سميت تمام وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نئين گوني اندر فوري طور پاڻي بحال ڪري آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي جڏھن ته احتجاجي مظاھرين کي شھري اتحاد جي اڳواڻن علي بخش سومرو. محمد جمن ميرجت . ڊاڪٽر گونگ چنا . آصف چانڊيو. راجا چنو. علي نواز ڏيٿو. مختيارعلي چنا ۽ ٻين خطاب ڪيو
