ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ افغان بارڊر تي سرحد پار کان دهشتگردن جي فائرنگ ۾ پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد ٿي ويا آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن پاڪ افغان سرحد تي اتر وزيرستان جي ضلعي ديواگر ۾ سرحد پار کان پاڪ فوج جي جوانن تي فائرنگ ڪئي، جنهن تي پاڪ فوج جي جوانن به ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد ٿي ويا، جن ۾ حوالدار تيمور، نائيڪ شعيب ۽ سپاهي ثاقب نواز شامل آهي آءِ ايس پي آر موجب جهلم سان تعلق رکندڙ حوالدار تيمور جي عمر 30 سال، سپاهي ثاقب نواز سيالڪوٽ سان 24 سال ۽ اٽڪ سان تعلق رکندڙ نائيڪ شعيب جي عمر 38 سال هئي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان خلاف افغان سرزمين جي استعمال جي سخت مذمت ڪيون ٿا، اميد آهي ته افغان حڪومت مستقبل ۾ اهڙين سرگرمين جي اجازت نه ڏيندي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪ فوج دهشتگردي خلاف پاڪستان جي سرحدن جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي، بهادر سپاهين جون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون










