پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو خودڪشي جي ذميوار کي سزا

چترال( م ڊ) چترال جي مقامي عدالت خودڪشي ڪيس ۾ اسڪول جي چوڪيدار کي 2 سال قيد جي سزا ڏئي ڇڏي آهي. پاڪستان جي عدالتي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي ته خودڪشي ڪيس ۾ ذميوار کي سزا ملي آهي. شندور جي علائقي بوني جي 17 سالن جي يتيم ڇوڪري طاهرا بي بي کي اسڪول جو چوڪيدار جنسي طور حراسان ڪندو هو، هن پوليس ۽ پرنسپل کي ڌار ڌار شڪايت ڪئي پر ازالو نه ٿيو. جنهن بعد تنگ ٿي هن آگسٽ 2016 ۾ زهر کائي انت آندو. سندس والده ٿاڻي تي چوڪيدار خلاف ڪيس داخل ڪرايو. عدالت آئين جي شق 354 مطابق چوڪيدار کي ٻه سال ٽيپ ڏئي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو