احمد آباد(ويب ڊيسڪ)ڀارت، عالمي ڪپ جي اهم ميچ ۾ پاڪستان کي آساني سان 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. شري ياس آئر 62 بالن تي 53 ناٽ آئوٽ ۽ ڪي ايل راهول 29 بالن تي 19 ناٽ آئوٽ رهيا. شبنم گل ۽ ويرات ڪوهلي 16 16 رنز ۽ ڪپتان روهت شرما 86 رنز تي آئوٽ ٿيا. شاهين ٻه ۽ حسن علي کي هڪ وڪيٽ ملي. پاڪستان جي سڄي ٽيم 40.1 اوورز ۾ 191 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. آخري وڪيٽ شاهين آفريدي جي ڪري جنهن کي جديجا ايل بي ڊبليو ڪيو، امپائر آ.وٽ نه ڏنو روهت شرما رويو ورتو ته ان ۾ 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي سڀ کان وڏي ميچ ۾ پاڪستان جي ڀارت خلاف بيٽنگ جاري آهي.احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڀارت ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ پاڪستاني ٽيم بيٽنگ ڪري رهي آهي. پاڪستان 21 اوورن جي پڄاڻي تي ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 105 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. پاڪستان کي پهريون نقصان عبدالله شفيق جي صورت ۾ ٿيو، عبدالله 20 رنسون ٺاهي محمد سراج جو شڪار ٻڻيو، ٿي ويو.امام الحق 36 رنسون ٺاهي هاردڪ پانڊيا جي بال تي ڪيپر هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو. بابراعظم ۽ محمد رضوان سٺي پارٽنر شپ ٺاهي پاڪستان جون 150 رنسون مڪمل ٿيون ته بابر اعظم 7 چوڪن جي مدد سان 58 بالن تي ففٽي اسڪور ڪري سراج جو ٻيو شڪار بڻيو ۽ بولڊ ٿي ويو. 30 اوورن تائين پاڪستان جي اننگ ۾ ڪنهن به ڇڪو نه هنيو. سعود شڪيل 10 بالن تي 6 رنسون ٺاهي ڪلديپ هٿان ايل بي ڊبليو ٿيو، افتخار ڪلديپ کي چوڪو هنيو پر اڳئين بال تي ڪلديپ بولڊ ڪري هڪ اوور ۾ 2 وڪيٽون ورتيون ۽ پاڪستان جا 33 اوورن ۾ 166 تي 5 آئوٽ ٿي ويا. 34 هون اوور ڪرائڻ لاءِ بومرا ٻئي اسپيل لاءِ واپس آيو ته رضوان کي 49 جي ذاتي اسڪور تي بولڊ ڪيو. هو ففٽي جي چڪر ۾ ڪافي محطاط هيو ۽ 18 بالن تي 2 اسڪور ڪيو. 171 جي مجموعي اسڪور تي شاداب خان کي بولڊ ڪري بومرا ٻيو شڪار ڪيو. 40 هين اوور جي پهرين بال تي حسن علي گاردڪ پانڊي کي چوڪو هنيو 187 تي نواز پانڊي جي بال تي بومرا هٿان ڪيچ ٿيو. 41 هين اوور ۾ جديجا جي بال تي حسن علي شبمن گل هٿان ڪيچ ٿيو. هڪ لک 32 هزار جي سيٽن واري اسٽيڊيم هر طرف ڀارتي تماشائي آهن، پاڪستاني سپورٽر نه آهن. آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي سڀ کان وڏي ميچ ۾ ڀارت ٽاس کٽي پاڪستان خلاف فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آهي.پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ 1:30 وڳي شروع ٿي.احمد آباد ۾ اڄ برسات جو ڪو به امڪان ناهي، ميچ دوران موسم گرم ۽ خشڪ رهندي.ڀارتي ميڊيا موجب احمد آباد ۾ صبح جو چمڪندڙ سج اڀريو ، جڏهن ته شام جو اوس راند کي متاثر ڪري سگهي ٿو.هن ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت هن وقت تائين ٻه ٻه ميچون کيڏيون آهن ۽ ٻنهي ٽيمن هن وقت تائين هڪ به ميچ نه هاري آهي.پاڪستاني ٽيم ۾ ڪابه تبديلي نه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڀارتي ٽيم ۾ شبمن گل جي واپسي ٿي وئي آهي.










