پاڪستان ڪابل ۾ قونصلر سروس بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) افغانستان جي دارالحڪومت ڪابل ۾ واقع پاڪستاني سفارتخانو تقريبن 2 مهينن جي عرصي کان پوءِ مڪمل قونصلر سروس بحال ڪندو. ان حوالي سان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ پاڪستاني سفارتخاني اعلان ڪيو آهي ته ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخانو 29 ڊسمبر 2019 کان مڪمل قونصلر سروس بحال ڪندو. ياد رهي ته 4 نومبر تي عملي جي سيڪيورٽي ۽ تحفظات جي خدشن جي پيش نظر سفارتخاني جي سروس معطل ڪئي وئي هئي. ڄاڻايل فيصلو افغان دارالحڪومت ۾ ڪجهه پاڪستاني سفارتڪارن جي گاڏين کي موٽرسائيڪلن سان نشانو بڻائڻ ۽ هراسان ڪرڻ جي واقعن کانپوءِ ڪيو ويو هو. پر قونصلر آپريشن جي معطلي جي ڪجهه ڏينهن بعد سفارتخاني پاڪستان ويندڙ خواهشمند افغانين کي مشڪلاتن سبب صحت ويزا جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. ياد رهي ته افغان شهرين جي وڏي تعداد علاج، تعليم، ڪاروبار ۽  پاڪستان ۾ رهندڙ خاندان جي ماڻهن سان ملاقات لاءِ هتي ايندا آهن. قونصلر سيڪشن روزانو جي بنياد تي 2 هزار درخواستون وصول ڪرڻ ۽ 1500 ويزا جاري ڪندو آهي. ان کان اڳ افغان حڪومت پشاور ۾ واقع پنهنجو قونصل خانو ٻيهر کولڻ جو اعلان ڪيو هو جيڪو تقريبن 3 مهينن کان بند آهي. واضح رهي ته ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني سفارتخاني جا اهلڪار ۽ آفيسر جيئين ئي سفارتخاني مان ٻاهر نڪرن ٿا ته افغان خفيه ايجنسين جا اهلڪار ان جي تاڙ ۾ رهندي روڊ تي بيهاري ڇڏيندا آهن. ان جو چوڻ هو ته پاڪستاني سفارتي عملي سان بدتميزي ۽ بدڪلامي ڪئي ويندي آهي ۽ اهو سلسلو گهر کان ويندي سفارتخاني ۽ واپسي دوران رستي ۾ ڪيو ويندو آهي. سفارتي ذريعن جو چوڻ هو ته پاڪستاني سفارتخاني طرفان افغان وزارت خارجه کي سڄي صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو پر هراسان ڪندڙ جو سلسلو رڪجڻ بجاءِ وڌيڪ تيز ٿيندو رهيو. جنهن کان پوءِ ڪابل ۾ سيڪيورٽي خدشن سبب پاڪستان طرفان پنهنجو قونصل سروس بند ڪرڻ کان پوءِ افغان حڪومت معاملي جي تحقيقات جو فيصلو ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو