پيرس( ڊيسڪ نيوز) ڀارتي وزيراعظم نريدرا مودي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ۾ ٽياڪڙي واري سندس آڇ رد ڪري ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته پاڪستان سان سڀ معاملا ٻطرفي نوعيت جا آهن ان ڪري ڪنهن ٽئين ملڪ کي ان ۾ نه پوڻ گهرجي. 1947 کان اڳ اسين هڪ هئاسين ۽ پنهنجا مسئلا گڏجي پاڻ حل ڪري سگهون ٿا. فرانس ۾ جي سيون ملڪن جي سمٽ جي سائيد لائن تي ٿيل ملاقات بابت ڀارتي خابرو ايجنسي اي اين آءِ دعويٰ ڪئي آهي ته صدر ٽرمپ ڪشمير جي صورتحال بابت ساڻس ڳالهايو ۽ مودي کيس جواب ڏنو ته ڪشمير ۾ حالتون ڪنٽرول هيٺ آهن. صدر ٽرمپ صحافين سان ڳا لهائيندي ٻڌايو ته ڪشمير بابت وزيراعظم مودي سان گذريل رات به سندس ڳالهه بولهه ٿي هئي ۽ هي پاڪستان سان به ڳلهائيندا ۽ مونکي پڪ آهي ته ڪا شئي بهتر ٿيندي. هوڏانهن عمران خان غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ ۾ نئين بلاڪ جي افتتاح وقت چيو آهي ته هو پنهنجو پاڻ کي ڪشمير جو سفير قرار ٿو ڏئي ۽ والاريل ڪشمير جي آزادي تائين دنيا جي هر فورم تي آواز اٿاريندو رهندو. هوڏانهن برطانوي پارليمان جي ميمبر عمران حسين اسلام آباد ۾ قومي اسمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات بعد پاڪستاني موقف جي تائيد ڪندي چيو ته ڀارتي اپاءَ هڪ طرفا آهن جيڪي اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن، ڀارت جي پنهنجي آئين ۽ جنيوا ڪنويشن جي نفي آهن. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ اسان کي ڪشميرين کي نسل ڪشي کان بچائڻو پوندو. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ قوم کي خطاب ڪندو، ٽرمپ مودي ملاقات جي تناظر ۽ حڪومت پاران ڪشمير بابت ورتل اپائن جي باري ۾ قوم کي آگاهه ڪندو.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو