پاڪستان خطي لاءِ رابطي جو ڊجيٽل ڪوريڊور بڻجي سگهي ٿو: سيف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عمر سيف چيو آهي ته پاڪستان خطي لاءِ رابطي جو ڊجيٽل ڪوريڊور بڻجي سگهي ٿو. پنهنجي بيان ۾ ڊاڪٽر عمر سيف چيو ته چين، روس ۽ وچ ايشيائي ملڪ پاڪستان جي مقام مان فائدو وٺي سگهن ٿا، ڊجيٽل ڪنيڪشن لاءِ هن رستي کي استعمال ڪرڻ سان يورپ ۽ آفريڪا تائين 100 ملي سيڪنڊن جو گهٽ وقت لڳندو.هن چيو ته هاڻي اسان وٽ ڪاشغر کان ڪراچي تائين ٻه فائبر لوپ آهن، اتصالات پنهنجو پهريون ڪيريئر نيوٽرل ڊيٽا سينٽر قائم ڪيو آهي جنهن جو افتتاح سڀاڻي ڪيو ويندو.هن وڌيڪ چيو ته چين سان به ڳالهيون هلي رهيون آهن، پاڪستان کي 200 کان 400 ملين ڊالر هر سال لنگهه واري رستي مان حاصل ٿيڻ جو امڪان آهي جيئن رستا تيار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو