آسٽريليا آخري ون ڊي به کٽي ويو،پاڪستان وائيٽ واش

دبئي (م ڊ) پاڪستان ۽ آسٽريليا ۾ پنج ون ڊي سيريز جون سڀئي ميچزآسٽريليا کٽي پاڪستان کي گهر ڀيڙو ڪيو آهي. آخري ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي آسٽريليا کي اڳ ۾ بيٽنگ جي دعوت ڏني ۽ آسٽريلوي ٽيم پاڪستاني بالرز کي ٺاهوڪو ڪٽڪو ڏئي پنجاهه اوورز ۾ 7 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي 327 رنز اسڪور ڪيو ۽ راند کٽڻ لاءِ پاڪستان کي 328 رنز گهربل هيون. آسٽريليا جا ٻه رانديگر آّخري ٻن اوورز ۾ آئوٽ ٿيا. آسٽريلوي بيٽسمين عثمان خواجه 98، شان مارٽس 61، ڪپتان فنچ 53 ۽ ميڪسويل 70 رنز سان نمايان بيٽسمين رهيا. ميڪسويل راند جو پاسو پلٽي ڇڏيو، 33 بالن تي 70 رنسون ٺاهيون. بعد ۾ بيٽنگ ڪندي پاڪستان کي ابتدا ۾ ئي جهٽڪو ان وقت لڳو جنهن مهل چوٿين مئچ ۾ ڊيبيو سينچري ڪندڙ عابد علي پهرين اوور ۾ آئوٽ ٿي ويو. هارس سهيل همت ڪئي پر سندس سينچري به ڪم نه آئي. هن 11 چوڪا ۽ ٽي ڇڪا هنيا. ڪپتان عماد وسيم 6 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي سان ناٽ آئوٽ ففٽي هنئي پر ڪم نه آئي. آسٽريليا جي هي مسلسل اٺين فتح هئي، انڊيا کان ٻه ابتدائي ميچ هارائڻ بعد مسلسل ٽي ميچ کٽي سيريز ۾ کيس شڪست ڏيڻ بعد پاڪستان کي وائيٽ واش ڪري پنج ئي ون ڊي کٽي هڪ رڪارڊ قائم ڪيو. 2002 ۾ هارائڻ بعد آسٽريليا پاڪستان خلاف هي ڇهين مسلسل سيريز کٽي آهي. عثمان شنواري 49 رنسن عيوض 4 رانديگرآئوٽ ڪيا پر سندس محنت ضايع ٿي وئي. آسٽريليا جي بيٽسمينن آخري 10 اوورز ۾ 107 رنسون ٺاهي پاڪستان لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي هئي. مبصرن جو چوڻ آهي ته ٽاس کٽي فيلڊنگ ڪرڻ وارو فيصلو پاڪستان جي “ نان ايگريسوو ايپروچ” جو مظهر هو.

پهنجو تبصرو موڪليو