پشاور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو آهي ته هو پاڪستان جي سياسي معاملن ۾ مداخلت نٿا ڪن.پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي سفير چيو ته پاڪستان هن وقت ڪيترن ئي معاشي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، آءِ ايم ايف کي ان ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيان ٿو. ڊونلڊ بلوم چيو ته پاڪستان کي ان حوالي سان گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، آمريڪا پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ سڀ کان وڏو ملڪ آهي، رڳو گذريل سال پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪاري ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو، ڪيتريون ئي آمريڪي ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن.آمريڪي سفير چيو ته هو پاڪستان جي سياسي معاملن ۾ مداخلت نٿا ڪن، زميني رڪارڊ ۾ شفافيت ضروري آهي، هو ان سلسلي ۾ پاڪستان حڪومت جي مدد ڪري رهيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته عورتن جي حقن بابت قانون سازي به تمام ضروري آهي.آمريڪي سفير چيو ته آمريڪا افغان پناهگيرن تي پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي، افغان پناهگيرن لاءِ 60 ملين ڊالر خاص طور تي مختص ڪيا آهن.
