شهرين جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي، جسٽس گلزار

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) نامزد چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته آئين پاڪستان هڪ زندهه و جاويد دستاويز آهي ۽ عوام کي تحفظ ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه 20 ڊسمبر جي رات 12 وڳي پنهنجي عهدي تان ريٽائر ٿي ويندو جنهن کان پوءِ سينيئر ترين جج جسٽس گلزار احمد چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻندو. ريٽائر ٿيندڙ چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي اعزاز ۾ فل ڪورٽ ريفرنس جي خطاب ۾ نامزد چيف جسٽس گلزار احمد جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ قانون جي حڪمراني، آئين جي تحفظ ۽ آزاد عدليه جي چئلنجن کي آزمائيندي آئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جو آئين زندهه و جاويد دستاويز آهي، عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. خيال رهي ته سپريم ڪورٽ جو سينئر جج جسٽس گلزار احمد ڇنڇرتي چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻندو.

پهنجو تبصرو موڪليو