پاڪستاني ڪنوار بابت ماهره خان جي مزاحيه وڊيو وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪاره ماهره خان تازو هڪ پنهنجي وڊيو جاري ڪئي آهي جنهن ۾ هو نهايت مزاحيه انداز ۾ ٻڌائيندي نظر اچي رهي آهي ته پاڪستاني ڪنوار ڪيئن هوندي آهي. ماهره خان جو شمار پاڪستان جي بهترين اداڪارائن ۾ ٿئي ٿو جيڪي هر طرح جي ڪردار کي بخوبي ادا ڪندي آهي. جيتوڻيڪ ماهره خان ڊراما سيريل همسفر ۾ هڪ ڏکويل ۽ ويچاري عورت جو ڪردار ادا ڪري شهريت حاصل ڪئي هئي پر ان سان گڏ هو مزاحيه ڪردار به ائين نڀائيندي آهي جو ڏسڻ وارو کلڻ تي مجبور ٿي پوي. تازو ماهره خان ۽ سوشل ميڊيا اسٽار فائزه سليم جي هڪ مزاحيه وڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ ٻئي پاڪستان ۾ ٿيندڙ ڪنوار جي باري ۾ ٻڌائيندي نظر اچن ٿيون. هن چيو ته ڪجهه ڪنوارون پنهنجي شادي تي تمام گهڻيون جذباتي هونديون آهن ته ڪجهه ماڻهن کي اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ته شادي سان ڪو به فرق نه ٿو پوي. ماهره خان وڊيو ۾ ڊراما سيريل همسفر جي جذباتي سين ۽ مقبول ترين ڊائيلاگ ممي آپ يه ڪيا ڪهه رهي هو کي به ٻيهر مزاحيه انداز ۾ پيش ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو