لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان وومين فٽبال ٽيم جي ڪپتان ماريا خان سعودي فٽبال ڪلب ايسٽرن فليمز سان معاهدو ڪري ورتو آهي، قومي فٽبالر پهرين پاڪستاني عورت فٽبالر هوندي جيڪا سعودي عرب ۾ پروفيشنل فٽبال کيڏندي. سعودي وومينز پريميئر ليگ ڪلب ايسٽرن فليمز جمعي تي اعلان ڪيو ته پاڪستان وومين فٽبال ٽيم جي ڪپتان ۽ مڊ فيلڊر ماريا خان کي هن سيزن لاءِ معاهدو ڪيو ويو آهي. ڪلب جو چوڻ آهي ته پاڪستاني پروفيشنل فٽبالر کي سائن ڪرڻ جو مقصد سعودي پريميئر ليگ جي نئين سيزن ۾ ٽيم کي مضبوط ڪرڻ آهي.ڪلب جي پليئر روسٽر موجب، ان ۾ ڪولمبيا، الجزائر ۽ مراکش جا به فٽبالر آهن، پر ايسٽرن فليمز گذريل سال سعودي پريميئر ليگ جي پهرين سيزن ۾ صرف ٻه ميچون کٽيون هيون.ماريا خان کي گذريل سال پاڪستان وومينز فٽبال ٽيم جي ڪپتان مقرر ڪيو ويو هو، هن سال جي شروعات ۾ سعودي عرب ۾ چار ملڪي ٽورنامينٽ ۾ ميزبانن خلاف فري ڪڪ گول ڪري سڀني جي توجه کسي ورتي هئي.
