اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستاني اڪيڊمي جي سليڪشن ڪميٽي پاران خوفناڪ فلم ”ان فليمز“ کي آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.هن فلم جي هدايتڪار ضرار خان آهي ۽ انم عباس پروڊيوس ڪئي آهي.فلم جي ڪهاڻي هڪ شاگرد جي چوڌاري گهمي ٿي، جيڪو پنهنجي خاندان کي بچائڻ لاءِ پراسرار طاقتن ۾ ڦاسي پوي ٿو.ان فليمز جي ڪاسٽ ۾ اداڪارا رمشا نوال، بختاور مظهر، عمير جاويد ۽ سينيئر اداڪار عدنان شاهه ٽيپو شامل آهن.
