پاڪستان ٽيسٽ سيريز ۾ به وائيٽ واش جو رڪارڊ قائم رکيو

ايڊليڊ (ويب ڊيسڪ) برسبين ٽيسٽ کان پوءِ ايلڊليڊ ٽيسٽ ۾ به پاڪستان کي هڪ اننگز ۽ 48 رنسن تان شڪست ملي وئي ۽ آسٽريليا ٻنهي ميچن جي سيريز ۾ گرين ڪيپس کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو. اها پاڪستان جي آسٽريليا ۾ ٽيسٽ ميچن جي لڳاتار 14 ۽ سيريز جي مسلسل پنجين شڪست هئي. ٽيسٽ جي ٻي اننگ ۾ پاڪستان آسٽريليا جي جواب ۾ 239 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ اهڙي طرح ميچ ۾ قومي ٽيم کي هڪ اننگ ۽ 48 رنسن تان شڪست نصيب ٿي. راند جي چوٿين ڏينهن تي پاڪستان پنهنجي ٻي نامڪمل اننگز جي شروعات ڪئي ته ان کي آسٽريليا جي پهرين اننگ جي برتري ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 248 رنسن جي ضرورت هئي شان مسعود ۽ اسد شفيق وڪيٽ تي موجود هيا. پاڪستان جو اسڪور 123 رنسن تي پهتو ته شان مسعود 68 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو اسد شفيق به ناٿن ليون جي هٿان 57 رنسن تي شڪار ٿيو. افتخار احمد 27، محمد رضوان 45 ۽ ياسر شاهه 13 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. آسٽريليا طرفان ٻي اننگز ۾ ناٿن ليون 5 ۽ جوش هيزلوڊ 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. ياد رهي ته برسبين ٽيسٽ ۾ به آسٽريليا پاڪستان کي هڪ اننگز ۽ 5 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو