پاڪستاني حڪمران ۽ رت روئيندڙ بيوس عوام

طفيل مگسي
پاڪستان جيڪو اهڙن سهوليت يافته فردن يا خاندان جو (جيئن ماضي ۾َانڊيا جا حڪمران خاندان.سندن سان ها ۾ ھا ملائيندڙ يا سندن جي تعريف ۾ قصيدا گوئي ڪندڙن هرقسم جي ٺٺن ٺانگرن سان نوازيل هوندا هئا) ملڪ آھي.جن جي دولت.سياسي اثرورسوخ ۽ سماجي حيثيت 22ڪروڙن جي آبادي تي غالب هوندي يا آھي.جن ۾ اڪثر سرمائيدار.جاگيردار.سياستدان ۽ اعلي سرڪاري آفيسر شاهي شامل هوندي آھي.۽ جن کي ملڪ جي اڪثريتي آبادي جي ڀيٽ ۾ اعلي و بهتر تعليم.صحت جون بهترين سهوليتون ۽ زندگي سمورين خواهشين تي رسائي حاصل هوندي يا آھي.جڏھن ته تمام گهڻا ماڻھو انهيء وقت محتاجي ۽ بيوسي جو شڪار آھن.پاڪستان جنهن جي معاشري ۾ اڻبرابري جي لڪير نهايت ڊگهي ڏيک ڏيئي ٿي.جنهن جو سڀ کان وڏو ڪارڻ ورهاست جي بي انصافي آھي.پاڪستان جيڪو 1947ع ۾ وجود ۾ آيو.۽ ان کانپوء ڪافي ملڪ پڻ وجود ۾ آيا.مگر نهايت افسوس جي ڳالھ آھي ته پاڪستان انهن ملڪن جي ڀيٽ ۾ سماجي ۽ اقتصادي طور تي نهايت ئي پٺتي پيل ملڪ آھي.ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ ڪامراني ۾ اتان جي ليرشپ جو تمام وڏو اهم.و خاص ڪردار هوندو آھي.جيڪڏھن ان ملڪ جو ليڊر ۽ ملڪي قيادت سٺي هجي يا ملڪ ۽ عوام سان سچي ۽ خيرخواه هجي ته ملڪ ۽ عوام جي قسمت ئي بدلجي وڃي ٿي.جيڪڏھن اسان ويچار ڪيون ته يورپ ۽ لجه ايشيائي ملڪن جيڪا ترقي ڪئي آھي.سندن جي اها ترقي ليڊشپ يا قيادت جي سبب کان آھي.ليڪن بدبختي سان گڏ ايشيا جهڙن 8 غريب ملڪن ۾ به پاڪستان جو گراف سماجي ۽ اتصادي طور تي سڀني کان ڪريل آھي.پاڪستان جنهن جي بدبختي هن کي اڄ تائين اهڙر قيادت نه ملي سگهي.جيڪا ملڪ کي بحرانن کان ڪڍي سگهي ۽ ھن جي قسمت بدلائي سگهي.پاڪستان ۾ ھينئر تائين 14عام چونڊون ٿيون.ملڪ تي 33 سال آمريت رهي ۽ 44 سال سالن تائين سول حڪومت رهي.مگر پاڪستان جي 75 سالن واري تاريخ ۾ ڪو اهڙو ماء جو لال ۽ ملڪ جو خيرخواه حڪمران نه آيو جيڪو ملڪ کي درست ٽريڪ تي چاڙھي سگهي.فوجي حڪومت وري به سول حجومت کان ڪجه بهتر رهي.ڪجه عرصو اڳ اقوام متحده جي هڪ اداري هن ڳاله جو انڪشاف ڪيو هو ته پاڪستان پنهنجي اشرافيا کي ساليانو 17 بلين ڊالرز کان وڌيڪ جون رقمون سهوليتن.۽ ٽيڪس ۾ جي نالي تي ڏئي ڇڏي ٿو.يو اين اي جي ان رپورٽ ۾ دعوي ڪئي وئي هئي ته پاڪستان مڪمل طور تي اشرافيا جي قبضي ۾ آھي.اسان ڄاڻون ٿا ته ملڪ جي8هزار نام نهاد اشرافيا هن ملڪ جي 22ڪروڙ عوام کي معاشي.ذھني ۽ هر طريقي کان يرغمال بڻائي ڇڏيو آھي.۽ اهائي نام نهاد اشرافيا بار بار مختلف طريقن سان اقتدار ۾ اچي ڪري اقتدار جا مزا وٺندا رهن ٿا.اڳ ۾ انهن جا ڏاڏا پڙڏاڏا جيڪي انگريزن جا غلام هئا۽ ھينئر انهن جا ٻار ٻچا اقتدار ۾ ھوندا آھن.جيڪي اڄ به پنهنجن وڏڙن جي روايتن کي زنده رکندي يعني غلامي ڪري ملڪ ۾ اقتدار جا مزا وٺي رهيا آھن.سرمائيداراڻي سسٽم.جي سمورن ظلمن جا حملا هن وقت ملڪ جي حقيقي مالڪ عوام تي جاري وساري آھن.آئي ايم ايف جي ڇٽيء جي هيٺ به مظلوم عوام جي مٿان مهانگائي جو رواني نئون نئون هٿرادو عزاب نازل ڪيو پيو وڃي.۽ حڪمران بدلجي به وڃي ته ان ۾ ڪو فرق نٿو پوي.انهن سڀني جي ايجنڊا هڪ ئي آھي.پاڪستان ۾ اشرافيا نالي هڪ اقليت جنهن پاڪستانين کي پنهنجو غلام.بڻائي ڇڏيو.سمورن وسيلن.اختيارن تي قبضا ڪري ڇڏيائون.خدا جي مخلوق کي مصيبت وپريشانين ۾ وجهي ڪري هڪ اهڙي ظالماڻي نظام کي مٿي چاڙھيو ويو.جنهن ۾ غريب جو ڪو به حال پڇڻ وارو نه هو.جيڪو ستم اڄ مڪمل طور تي پنهنجيون زمين ۾ پاڙون مضبوط ڪري چڪو آھي.پهرين اسان جا حڪمران مک جيان مٿو پٽيدي روئن ٿا ته ملڪي خزانو خالي آھي ۽ آئي ايم ايف نٿو مڃي.جڏھن ٻيئي پاسي سندن جون عياشيون ختم نٿيون ٿين.جنهن کي ڏسي ڪري عقل دنگ رهجي وڃي ٿو.اسان آئي ايم ايف کان قرض نه وٺون ته اسان جي لاء ملازمن کي پگهارون ڏيڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو.ملڪ جو ڏيوالو ٿيڻ لڳي ٿو ۽ ٻيئي پاسي وري ملڪي خزاني هٿن سان کاٽ ھڻي سمورا پئسا بيدرديء سان عيائشين تي خرچ ڪيا وڃن ٿا.انهن کي ايتريون وڏيون سهوليتون ڏيڻ ڪجه سمجه ۾ نٿو اچي؟انهن جون پگهارون به لکن ۾ آھن.باوجود ان جي انهن کي بجلي.پيٽرول.گاڏيون مفت ۽ نوڪر ڏنا وڃن ٿا.ٻيئي پاسي هڪ عام ماڻھو آھي.جيڪو تعليم يافته هوندي به بيروزگار آھي يا پوء 20.25 يا 30هزار پگهار وٺي رهيو آھي.هاڻي اهو ان گهٽ پگهار ۾ به پنهنجي کيسي کان بجلي جو بل به ڏيئي ٿو.پيٽرول به خريد ڪري ٿو.گاڏين جا ڪرايا به ڀري ٿو.يعني سڀ ڪجه پنهنجي کيسي کان خرچ ڪري ٿو ته لکين روپيا پگهار وٺڻ وارا پنهنجي کيسي کان پو نٿا خرچ ڪري سگهن؟انهن کي حڪومت ايتريون سهوليون ڇو ڏيئي ٿي؟انهن کي ته گاڏيون به نه ملڻ کپن.جيتريون انهن جون پگهارون آھن ته اهي پنهنجي پگهار کان به گاڏي خريد ڪري سگهن ٿا.جڏھن عوام جي لاء ڪم ڪري رهيا آھن ته پوء عوام تي رحم به ڪن.عوام جا ڪم ته انهن کي ڪرڻا ناهن هوندا.صرف عوام کان پئسا ڦري پنهنجين عياشين تي خرچ ڪن ٿا.اسان جي ملڪ ۾ اھوئي سڀ ڪجه ٿيندو اڇي رهيو آھي.اهوم ئي سمورن حڪومتن جو اولين فرض رهيو آھي.چاهي اها موجپده حڪومت هجي.يا اڳوڻي ڪا به هجي.سمورو وزن خزاني تي وجهن ٿا.جنهن جي سبب کان ملڪ اڄ انهن حالتن تائين پهچي چڪو آھي ته قرض نه وٺن ته گذارو نٿو ٿيئي.غريب عوام.مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيا آھن روئي رهيا آھن.پٽون پاراتا ڏين ٿا.اگهاڙا بکيا ٿي ويا آھن.مگر حڪمرانن جي مٿي تي جونء به نٿي چري ۽ انهن کي ريليف ڏيڻ جي بجاء اسان جا ۡڪمران انهن تي ٽيڪس مٿان ٽيڪس هڻي رهيا آھن.هڪ غريب ملڪ جيڪو قرضن تي هلي رهيو هجي ان ۾ اھڙو رويو رکيو وڃي ته ملڪ ڪن ترقي ڪندو.اسان جي ملڪ ۾ جڏھن خزاني جو وزير قرض وٺي ٿو ته ان کي به وڏي ڪاميابي سمجهيو وڃي ٿو.جنهن تي حڪمران طبقو خوش رهي ٿو.۽ قرضن جي پئسن کي وڌيڪ پنهنجين عياشين تي خهڻي ڇڏين.هيڏانهن قوم قرض جي چڪڻ ۾ وڌيڪ چڪبو وڃي ٿو.ليڪن انهن تي ڪو اثر ئي نٿو ٿيئي.سمورو مالي ٻوجه غريب عوام.کي ڪرڻو پئجي رهيو آھي.پاڪستان وٽ وسيلن جي ڪا کوٽ ناهي بلڪ نااهل ۽ بدعنوان انتظاميا ۽ سياسي حڪمران ٽولو عوام.کي معاشرتي معاشي انصاف ميسر ڪرڻ کان لاچار آھي.ان رويي جي سبب کان معاشري ۾ غيض وغضب وڌي رهيو آھي.۽ اھڙا واقعا پيش اچي رهيا آھن ته عوام قانون کي پنهنجي هٿ ۾ کڻڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو.اهو خطرناڪ لاڙو حڪمران کي غفلت جي ننڊ کان جاڳائڻ جي لاء ڪافي آھي.ان کان اڳ ته تمام گهڻي دير ٿي وڃي ۽ حقيقي آزادي جو تصور وڌيڪ خطرناڪ ٿي ڪري رهجي نه وڃي .

پهنجو تبصرو موڪليو