پاڪستاني اسپنرز جي تباهي، ويسٽ انڊيز 137 رنز تي ڍير

پاڪستاني اسپنرز جي تباهي، ويسٽ انڊيز 137 رنز تي ڍير

ملتان (ويب ڊيسڪ) پهرين ٽيسٽ ۾ پاڪستاني اسپنرز مهمان ٽيم جي بيٽنگ لائن تباهه ڪري ڇڏي، ويسٽ انڊيز جي پوري ٽيم 137 رنز تي آئوٽ ٿي وئي.جنهن ۾ 22 ايڪسٽرا رنز به شامل هيون. جوميل وريڪين 31 رنز ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو ۽ ناٽ آئوٽ رهيو. جيڊن سيلز 22 رنز، گڊاڪيش موتي 19، ڪيون سنڪليئر ۽ اوپنر ۽ ڪپتان ڪريگ بريٿ ويٽ هر هڪ 11 رنز ٺاهي نمايان رهيا باقي مهمان ٽيم جي بيٽر سنگل ڊجٽ کان اسڪور نه وڌئي سگهيا. نعمان علي 11 اوورن ۾ 39 رنز ڏئي 5 ۽ ساجد خان 12 اوورن ۾ 65 رنز ڏئي 4 وڪيٽون ورتيون. ابرار احمد 1.2 اوورز ۾ 6 رنسن عيوض هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ پاڪستاني ٽيم پهرين اننگ ۾ 230 رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي هئي.پاڪستان ٻئي اننگ شروع ڪئي ته هريرا ۽ ڪپتان شان مسعود اسڪور اڳتي وڌايو، هريرا 3 چوڪن جي مدد سان 58 بالن تي 29 رنس ٺاهي ايل بي ڊبليو ٿيو. بابر اعظم به نه هليو هو به 5 رنسون ٺاهي اسپنر جوميل وريڪين جو ٻيو شڪار بڻيو. جنهن بعد شان مسعود جو ساٿ ڏيڻ لاءِ ڪامران غلام آيو. پاڪستان ٻئي اننگ ۾ 90 رنز ٺاهيون ته سندس 2 پليئر آئوٽ ٿي چڪا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو