پئسي جي بنياد تي سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلي خريدي وئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته منهنجي خواهش آ محمود اچڪزئي کي ووٽ ڏيان پر پارٽي جو فيصلو واجب آهي ته ائين نه ڪيان.ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جتي اپوزيشن جون سيٽون هونديون، اسان اتي ويهنداسين، حماس جي قيادت سان ملڻ تي عالمي طاقتون ناراض ته ٿينديون.هن چيو ته جن کي خبر هئي مان انهن جي مقابلي ۾ صدارتي اميدوار بڻجندس ته انهن تجوڙين جا منهن کوليا، منهنجي خواهش آهي ته محمود اچڪزئي کي ووٽ ڏيان پر پارٽي جو فيصلو واجب آهي ته ائين نه ڪيان، سياستدانن کي پنهنجي ڪمٽمينٽ رکڻ گهرجي.سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ بابت جيڪو موقف اهو، هاڻ به اهو ئي آهي، اسان چاهيون ٿا ته اهڙو ماحول ٺهي جنهن سان اختلاف ختم ٿين. مولانا فضل الرحمان چيو ته چونڊن ۾ اسٽيبلشمينٽ پنهنجي ئي ورهاست ڪئي آهي، ڪنهن کي هڪ هنڌ ۽ ڪنهن کي ٻئي هنڌ ايڊجسٽ ڪيو ويو، عوام کي جمهوريت ۽ اسمبلين کان مايوس ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ووٽ تي ڌاڙو هڻندڙن کي مجرم سمجهون ٿا پوءِ چاهي اهي لک ڀيرا اسٽيبلشمينٽ هجي يا فوج. چونڊن تي جمعيت جو موقف وضاحت سان سامهون آيو، اسان چونڊ نتيجن کي رد ڪيو آهي، وقت سان گڏ شاهديون سامهون اچي رهيون آهن ۽ اسان جي موقف جي تصديق ٿي رهي آهي، هاڻوڪين چونڊن 2018 ۾ ڌانڌلي جو به رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.جي يو آءِ سربراهه چيو ته هيءَ پارليامينٽ ڌانڌلي جي پيدوار آهي، ان پارليامينٽ ۾ ڪجهه ماڻهو پاڻ کي حڪمران سڏرائيندا، جيڪي قوم تي حڪومت ڪندا پر دلين تي نه، جمهوريت پنهنجو ڪيس هارائي رهي آهي، پارليامينٽ پنهنجي اهميت وڃائي رهي آهي، اسان جو ڪنهن سان ذاتي جهيڙو ناهي جو ان کي پرچايون.هن چيو ته انهن حڪمرانن اقتدار کي طاقت سمجهيو آهي، پئسي جي بنياد تي سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلي خريدي وئي، اڃا تائين گرينڊ الائنس ناهي ٺهيو پر ڳالهيون جاري آهن. پ پ ۽ ن ليگ کي 2018 وارو مينڊيٽ مليو، ان وقت ڌانڌلي هئي ته هاڻ ڇو نه؟ سندس چوڻ هو ته اسان وٽ جيڪو آيو آهي اسان ان جو احترام ڪيو آهي، اسان پارليامينٽ ۾ وينداسين، احتجاج ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو