ٽڪ ٽوڪ ۽ وي چيٽ تي آچر کان آمريڪا ۾ پابندي جو اعلان

واشنگٽن(ويب ديسڪ) صدر ٽرمپ چيني مقبول ايپس ٽڪ ٽوڪ ۽ وي چيٽ آچر کان بند ڪرن جو فيصلو  ڪري ڇڏيوآهي. واسطيدار اختيارين کي چيو ويو آهي ته آمريڪن پلي اسٽورز تان ٻنهي ايپس کي هٽائي ڇڏيو جيئن ڪو به ڊائون لوڊ نه ڪري سگهي. صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته چيني ايپس آمريڪين شهرين جي ڊيٽا چورائي چين جي ڪميونسٽ پارٽي کي ڏئي پئي. جنهن جو هو ڪو به ثبوت پيش ناهن ڪري سگهيا. آمريڪي شهري ڳڻتي ۾ آهن ته ننئي ويڊيو شيئر ڪرڻ ۽ رابطي جو مقبول ذريعو کانئن کسيو پيو وڃي جيڪو اظهار راءِ جي آزادي جي خلاف آهي. صدر ٽرمپ جا حامي چون ٿا ته شهرين جي حقن جو تحفظ لازمي آهي. نومبر ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊ ۾ اهڙن اپائن سبب کيس ڌچڪو پهچڻ جو انديشو به آهي. ٽڪ ٽوڪ ۽ وي چيٽ جي مالڪ ڪمپني بائيٽ ڊانس استاڪ مارڪيٽ م رجسٽر ڪرڻ جي به پيشڪش هئي ۽ آمريڪي ڪمپني اوريڪل سان ڳالهيون به هلن پيون. اوريڪل صدر ٽرمپ جي حامي آهي ۽ چيني ايپ خريدڻ چاهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو