ٽيڪنوڪريٽ سيٽ لاءِ اسحاق ڊار جا نامزدگي ڪاغذ منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد مان سينيٽ جي ٽيڪنوڪريٽ سيٽ لاءِ اسحاق ڊار جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا.اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ اعظم نذير تارڙ چيو ته رٽرننگ آفيسر اسحاق ڊار جا ڪاغذ منظور ڪيا.اعظم نذير تارڙ چيو ته اسحاق ڊار جي ڪاغذن تي ڪو به اعتراض ناهي ڪيو ويو، سينيٽ جون چونڊون 2 اپريل تي ٿينديون. هن چيو ته شهباز شريف 2 سال اڳ چيو هو ته ملڪ کي ڪانٽريڪٽي معيشت جي ضرورت آهي، شهباز شريف جي ڪانٽريڪٽي معيشت جي ڳالهه کي مذاق بڻايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو