پوشيف سٽروم (ويب ڊيسڪ)ٽئين ون ڊي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا آسٽريليا کي 111 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.پوشيف سٽروم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي 6 وڪيٽن جي نقصان تي 338 رنسون ٺاهيون.ايڊن مارڪرام 102 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي. ڪوئنٽن ڊي ڪڪ 82، تومباوما 57 ۽ رضا هينڊرڪس 39 رنسون ٺاهيون.هدف جي تعاقب ۾ آسٽريلوي ٽيم 34.3 اوورن ۾ 227 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ڊيوڊ وارنر 78، ٽريوس هيڊ 38 ۽ مچل مارش 29 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.ڏکڻ آفريڪا طرفان جيرالڊ ڪوئڊزي 4 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته تبريز شمسي ۽ ڪيشو مهاراج 2-2 وڪيٽون ورتيون.پنجن ميچن جي سيريز ۾ آسٽريليا کي 1-2 جي برتري حاصل آهي. ٻي ميچ 15 سيپٽمبر تي سينچورين ۾ کيڏي ويندي.
