مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ آصف زرداري ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)احتساب عدالت پارڪ لين، ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم ۽ ميگا مني لانڊرنگ ريفرنسز ۾ آصف علي زرداري، فريال ٽالپر ۽ انور مجيد سميت سڀني جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي ڪاروائي شروع ڪئي ته اڳ ۾ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جو وارو آيو جنهن ۾ فرد جرم لاڳو ڪئي وئي. جوابدارن صحت جرم کان انڪار ڪيو. ڪجهه جوابدارن تي ويڊيو لنڪ ذريعي فرد جرم عائد ڪئي وئي. عدالت مني لانڊرنگ ريفرنس جي وڌيڪ ڪاروائي 13 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪندي سڀني شاهدن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏو. احتساب عدالت جي جج اعظم خان ٻڌڻي شروع ڪئي ته کيس جوابدارن ٻڌايو ته سندن وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي سلسلي ۾ مصروف آهي اوهان فرد جرم لاڳو نه ڪيو. جج چيو ته فرد جرم لاءِ مک وڪيل جو هجڻ ضروري ناهي ٻيا وڪيل اوهانجا موجود آهن. ان بعد پارڪ لين ريفرنس ۾ فرد جرم جي ڪاروائي شروع ٿي ته هڪ ملزم شير علي موجود نه هو عدالت چيو ته فرد جرم لاءِ سڀني جوابدارن جو هجڻ ضروري آهي ۽ فرد جرم لاءِ وڌيڪ ڪاروائي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي. ان بعد ٺٽو واٽر سپلاءِ ريفرنس ۾ فرد جرم جي ڪاروائي شروع ٿي ته 3 جوابدار غير حاضر هئا عدالت ٽنهي جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي وڌيڪ ڪاروائي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ان کان اڳ آصف علي زرداري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هنن ٽنهي ريفرنسز ۾ ضمانت لاءِ اپيل داخل ڪئي. جنهن ۾ چيو ويو ته جعلي اڪائونٽ ڪيس قانون موجب نيب جي دائري ۾ نٿو اچي ۽ ٻيو ته هو ڪراچي جا رهائشي آهن ته ڪيس به ڪراچي ۾ هلڻ گهرجي. ياد رهي ته اڳ ۾ آصف علي زرداري نيب جي ضمني ريفرنسز خلاف اپيل دائر ڪئي هئي جيڪا احتساب عدالت رد ڪئي هئي. اپيل خارج ڪرڻ وارو محفوط ڪيل فيصلو23 سيپٽمبراربع تي ٻڌايو هو. عدالت مٿس فرد جرم لاڳوڪرڻ جو حڪم ڏيندي سڀني جوابدارن کي 28 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو هو. هوڏانهن آصف علي زرداري جي عبوري ضمانت ۾ 5 آڪٽوبر تائين وڌائي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو