ٽماٽا 400 سئو رپيا في ڪلو جي ريڪارڊ سطح تي پهچي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٽماٽن جي قيمت 320 رپيا في ڪلو کان وڌي 400 رپيا في ڪلو جي ريڪارڊ سطح تائين پهچي وئي آهي. ايران کان گهرايل ٽماٽن جي قيمت طئي نه ٿيڻ تي واپاري وڌيڪ منافعو ڪمائڻ لاءِ سنڌ ۽ سوات جي فصل جي قيمت تي ايران جي ٽماٽن کي کڻي آيا آهن. مقامي انتظاميه ماضي وانگي ٽماٽن جي غير حقيقي قيمت 253 روپيا في ڪلو جاري ڪئي آهي جڏهن ته گذريل سومر تي ان جي قيمت 193 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي هئي. نومبر جي پهرين هفتي ۾ سرڪاري سطح تي ٽماٽن جي قيمت 117 رپيا في ڪلو هئي ۽ گذريل ڏينهن سرڪاري قيمتن مان واضح ٿئي ٿو ته حڪومت پاڻ قيمتن ۾ اضافو ڪري رهي آهي. تاجرن جو چوڻ آهي ته ٽماٽن جو 13 کان 14 ڪلو وارو ڊٻو 4 کان ساڍا 4 هزار رپين ۾ ملي رهيو آهي جنهن جي ڪري واپاري ٽماٽن جي خريداري کان مجبور ٿي پيا آهن. گذريل هفتي حڪومت ٽماٽن جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ايران کان ساڍا 4 هزار ٽن ٽماٽا خريد ڪرڻ جو پرمٽ جاري ڪيو هو ليڪن مارڪيٽ ۾ ٽماٽن تيزي سان نه پيا اچن ۽ ٽماٽن جي کوٽ سبب قيمتن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. فلاحي انجمن هول سيل ويجيٽيبل مارڪيٽ جي صدر حاجي شاهجهان ٻڌايو ته 44 ٽن ٽماٽن تي مشتمل 2 ڪنٽينر 17 نومبر تي پهچڻا هيا ليڪن گذريل ڏينهن صرف هڪ ڪنٽينر مارڪيٽ تائين پهچڻ ڪري صارفين کي ڪو به رليف نه ملي سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو