ٽرمپ جو ريپبلڪن جي بحث ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته هو هن هفتي پهرين ريپبلڪن پرائمري بحث ۾ حصو نه وٺندو.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ماڻهن کي پهريان ئي خبر آهي ته مان ڪير آهيان ان ڪري بحث ۾ حصو نه وٺي رهيو آهيان.ڊونلڊ ٽرمپ جي هڪ صلاحڪار جو چوڻ آهي ته اڳوڻو صدر شايد بعد ۾ ٿيندڙ بحثن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪري سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو