ٽرمپ انتظاميه جي وڏي چيني ڪمپني تي پابندين جي تياري

واشنگٽن(ويب ديسڪ) وال اسٽريٽ جرنل آميڪي اهلڪارن جي حوالي ٻڌايو آهي ته آمريڪا چين جي هڪٻئي وڏي ڪمپني تي پابنديون مڙهڻ لاءِ غور ڪري رهيو آهي. چين جي چپ ٺاهيندڙ ڪمپني، سيمي ڪنڊڪٽرمينوفيڪچرنگ انٽرنيشنل ڪارپ (سي ايم آءِ سي) تي پابندي لڳائڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. چين ۽ آمريڪا ۾ هلندڙ تجارتي جنگ ۾ آمريڪا اڳ ۾ هواووي ۽ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي هڻي چڪو آهي.انهن ڪمپنين جي گوگل ۽ ٻين ڪمپنين سان واپار تي پابندي لڳائي آهي. جيڪڏهن هن ڪمپني تي پابندي لڳي ته اها آمريڪي ۾ تيار ٿيندڙ  اوزارن تي آزمائش بعد چپ تيار ڪرڻ کان محروم ٿي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو