ممبئي (ويب ڊيسڪ)سلمان خان ۽ ڪترينا ڪيف جي ٽائيگر سيريز جي فلم ’ٽائيگر 3‘ ستارن سان ڀرپور نظر اچي رهي آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب فلم ۾ سلمان خان ۽ شاهه رخ خان کانسواءِ هريتڪ روشن به نظر ايندا.فلم ٽائيگر 3 هن مهيني جي 12 تاريخ تي رليز ٿيندي، جنهن ۾ شاهه رخ خان پڻ خاص روپ ۾ نظر ايندو.جڏهن ته تازيون خبرون آهن ته هريتڪ روشن به فلم ۾ شاهه رخ وانگر مختصر ڪردار ۾ نظر ايندو.ٻڌايو پيو وڃي ته پروڊيوسر اديتا چوپڙا آخري وقت ۾ ٽن ستارن کي هڪ اسڪرين تي گڏ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.اديتا چوپڙا پنهنجي تازي انٽرويو دوران چيو ته هريتڪ روشن جو سين فلم جي شوٽنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ شوٽ ڪيو ويو، اهو مختصر منظر آهي پر تمام متاثر ڪندڙ آهي.هن اهو به چيو ته جڏهن هريتڪ روشن ايندو ته اميد آهي ته ٿيٽر ۾ تمام گهڻيون سيٽيون اينديون.
