ٻيلي کي باھ ،چاليھ ايڪڙ ايراضي تي بيٺل لکين وڻ سَڙي رک

سلطانپور( رپورٽ قربان علي مهر ) سلطانپور جي سرڪاري ٻيلي کي هِڪ ڀيرو ٻيهر اوچتو باھ لڳي وئي، چاليھ ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي تي بيٺل لکين روپين جي ماليت جا قيمتي وڻ سَڙي رک، اطلاع ملٹ بعد ٽي ايم او پنوعاقل سجاد سمائر فائر برگيڊ عملي سميت باھ واري ھنڌ پهچي ویو، باھ وسائڻ جي ڪوشش جاري ، هڪ مھیني اندر سرڪاري ٻيلي کي مختلف ھندن تان چار ڀيرا باھ لڳي پر هن وقت تائين باھ ڏيندڙ جوابدار ظاهر نه ٿي سگهيا،فاريسٽ ڊپارٽمينٽ اگھور ننڊ ستل، علائقي واسين پاران ٻيلي کاتي جي ڪامورن تي ڪرپشن ء بااثر  ماڻهن سان گڏجي هٿرادو باھ ڏيڻ جا الزام، تفصيل موجب سلطانپور جي سرڪاري ٻيلي کي هڪ دفعو ٻيهر باھ وڪوڙي وئي باه لڳڻ جي نتيجي ۾ ٽيھ  ايڪڙن ۾ بيٺل لکين روپين جي ماليت جا قيمتي وڻ سڙي رک ٿي ويا اطلاع ملڻ تي پنوعاقل ٽائون ڪاميٽي مان فائر برگيڊ عملي پهچي باھ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل آهي ياد رهي ته هڪ مھیني اندر سلطانپور جي سرڪاري ٻيلي کي هي چوٿون ڀيرو باھ لڳي آهي جيڪا سمجھ کان ٻاهر آهي ان کان اڳ مختلف هنڌن تان ٽي ڀيرا باھ لڳي چڪي آهي جنهن جي نتيجي ۾ سوين ايڪڙ ايراضي تي پوکيل ڪروڙين روپين جي ماليت جا وڻ سَڙي رک ٿي ويا آهن ڪجھ ڏينهن اڳ لڳل باھ جي نتيجي۾ ساڍا ٽي سئو ايڪڙن تي بيٺل وڻ سَڙي رک ٿي ويا هئا جنهن دوران پاڪستان آرمي پنوعاقل جي فوجي جوانن امدادي ڪاروائيون ڪندي باھ تي ڪنٽرول ڪيو هو اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر باھ لڳڻ سبب قيمتي اوڻ سَڙي ويا آهن بار بار ٻيلي کي لڳندڙ باھ سبب ٻيلو تباھ حال بڻجي چڪو آهي حيرت جھڙي ڳالھ آهي ته هن وقت تائين باھ ڏيندڙ يا ڏياريندڙ ڪوبه جوبدار ظاھر ناهي ٿي سگهيو ٻيلي کاتي جا ڪامورا اگھور ننڊ ستل آهن جڏهن ته علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ٻيلي کي هٿرادو باھ ڏني وڃي ٿي جنهن ۾ ٻيلي کاتي جا ڪرپٽ عملدار پنهنجا ڪرتوت لڪائڻ خاطر با اثرن جي مدد سان باھ ڏيارڻ۾ ملوث ٿي سگهن ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو