حيدرآباد(خصوصي رپورٽ اياز مهر) هلندڙ سال سنڌ ۾ ٻيلن جي بحالي جي سال طور ملهايون پيا، 21 مارچ تي ٻيلن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄي سنڌ ۾ 10 لک وڻ پوکڻ جي تياري ڪري رهيا آهيون. اهڙو اظهار ٻيلي کاتي جي چيف ڪنزرويٽر قاضي عبدالجبار سنڌيار کي فون تي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. هن ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ مياڻي ٻيلي جي سامهون ڪاٺڙي ٻيلي ۾ سومر تي هڪ لک وڻ پوکيا ويا جن جو افتتاح پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرادري ڪيو.

هن ٻڌايو ته هڪ لک پوکيل وڻن ۾ 24 هزار نم، 8هزار بڪائڻ (انگريزي نم) جيڪا ڇٽو هڻندي آهي، 8 هزار ارجن يعني مشڪ بيد نما سڌو وڌنڌڙ وڻ (جيڪو سم کي چوسيندو آهي)، 8 هزار مڪس وڻ، 8 هزار زيتون ۽ ڄمون جا وڻ، 8 هزار سنبل جنهن کي انگريزي ۾ سِمل چئبو آهي، 16 هزار سهانجڙو يا سهندڙو. 20 هزار ٻٻر ۽ سرينهن جا وڻ شامل آهن، پوکيا ويا.

چيف ڪنزرويٽر چيو ته 50 هزار ايڪڙ جي لڳ ڀڳ ڪچي واري زمين ۾ وڻ پوکيا آهن سوا ستٽيهه سو ايڪڙ کان مٿي آبپاشي واري علائقن ۾ وڻڪاري ڪئي آهي. هن مهل تائين مينگروز جا هڪ ارب 17 ڪروڙ 20 لک ٻوٽا پوکيا آهن، 411 ڪلوميٽرواهن ۽ شاخن جي ڪنارن ۽ 934 ڪلوميٽرمختلف روڊن ۽ شاهراهن جي ڪنارن تي وڻڪاري ڪئي آهي. شهرن ۾ 520 ايڪڙن تي وڻ پوکيا آهن. هن چيو ته عدالتي حڪمن تي ٻيلن جو قبضي واريون زمينون خالي ته ڪرايون آهن پر بجيٽ نه هئڻ جي ڪري ٻيلا نٿا پوکي سگهون. عبدالجبار قاضي بڌايو ته هر سال هڪ ارب 80 ڪروڙ جي بجيٽ لاءِ بلاول صاحب ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي درخواست ڪئي آهي جن واعدو ڪيو آهي ته اها رقم فراهم ڪندا. هن ٻڌايو ته اڄ به گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ موجب 2018 ۾ سڀ کان وڌيڪ مينگروز اسان جي پوکڻ جو عالمي رڪارڊ آهي، اسين 2009 ۾ اهو رڪارڊ قائم ڪيو ته انڊيا ٽوڙيو، وري اسين 2013 ۾ عالمي رڪارڊ قائم ڪيو جيڪو پڻ انڊيا ٽوڙيو پر 2018 وارو مينگروز جا وڌ ۾ وڌ وڻ پوکڻ جو رڪارڊ اڃا ڪنهن ناهي ٽوڙيو. هن چيو ته ايندڙ 5 سالن ۾ سنڌ اندر 2 لک هيڪٽرز تي وڻ پوکڻ جو ارادو آهي ۽ جيڪڏهن حڪومت گهربل فنڊ ڏنا ته اهو ٽارگٽ حاصل ڪري وٺنداسين. مسٽر قاضي چيو ته اسين ٻير، ڄمون، زيتون ۽ ٻين محدود طور تي ميون جا وڻ ڳوٺاڻي تنطيمن ۽ برادرين جي شراڪت سان پوکڻ جي پاليسي متعارف ڪرايون پيا، ان سان ٻيلن جي حفاظت يقيني بڻائي سگهبي، هن چيو ته ڪميونٽي کي ڀائيواري ڪري شڪار گاهون ٺاهڻ جي به پاليسي تي غور ڪريون پيا ته جيئن خيبر پختونخواهه ۾ ٽرافي هنٽنگ ٿيندي آهي، اهڙي طرز تي سنڌ ۾ تترن ۽ هرڻن جا شڪار گاهه ٺاهيون، ان جي فيس مان معقول حصو ڳوٺاڻن کي ملي ۽ ڪجهه حڪومت کي به ملي. اهڙا وڻ پوکجن جن جي ڪاٺ جو مارڪيٽ ويليو گهٽ هجي تڏهن وڻ بچائي سگهبا.










