ٻن مختلف حادثن ۾ هڪ عورت فوت 3 شاگردن سميت 6 زخمي

دادو(ن س) پوليس اسٽيشن ڦلجي جي حد ۾ ڳوٺ عارب پنهور ۾ روڊ پار ڪرڻ تي موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ 60 سالا خاتون الهبچائي پنهور زخمي ٿي پئي جنهن کي سول اسپتال دادو آندو ويو جتي زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي وئي،ڦلجي اسٽيشن پوليس موٽر سائيڪل سوار کي گرفتار ڪري ورتو آهي اخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيوآهي.

ٻئي پاسي نيو سبزي منڊي ويجهو 2 تيز رفتار موٽر سائيڪلن جي آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 شاگرد علم آصف، نادر، زوهيب، مزدور اڪبر، شبير ۽ نظام ملاح زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال دادو آندو ويو  جتي طبي امداد ڏني وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو