شهدادڪوٽ(ن س) شهر جي ماڊل ڪورٽ ۾ قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جج شاهد علي ميمڻ جي عدالت جوابدار مطيع الله کهاوڙ تي سندس گهرواري زرينه جي قتل جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي سزاء موت ۽ 10 لک روپين جي سزا ٻڌائي، ڏنڊ جي رقم مقتولا عورت جي وارثن حوالي ڪئي ويندي ۽ جوابدار کي مليل موت جي سزا بابت 7 ڏينهن اندر اپيل ڪرڻ جو پڻ حق ڏنو آهي ، جوابدار مطيع الله کهاوڙ 7سال اڳ شهر جي اي سيڪشن ٿاڻي حد فيض الاهي اسڪول ويجهو پنهنجي گهر واري زرينه کي قتل ڪيو هو جنهن جو لاش سندس گهر مان مليو هو. جنهن جي ڪيس سرڪار جي فرياد تي شهر جي اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو ٻڌايو وڃي ٿو ته مقتولا ۽ جوابدار پاڻ ۾ پيار جو پرڻو ڪيو هو ۽ مقتولا ڪراچي جي رهائشي هئي. ٻئي پاسي شهدادڪوٽ جي جوڊيشل ماجسٽريٽ ون عبدالجبار ميتلو جي عدالت قبوسعيد خان ٿاڻي جي حد ۾ 2015 زميني تڪرار تان ٿيل جهڙي جي ڪيس ۾ ٻن جوابدارن نظير مگسي ۽ علي اڪبر مگسي کي هڪ ، هڪ سال قيد ۽ 50، 50 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي ، جوابدارن 4 سال اڳ فريادي غوث بخش مگسي کي لٺيون هڻي زخمي ڪيو هو جنهن جي ٻڌڙڻي دوران اڄ سزا ٻڌائي وئي ، ٻڌائي وڃي پيو ته جوابدار ۽ فريادي پاڻ ۾ ويجها عزيز ۽ آهن
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو