ٻارن مٿان حملو اسرائيل سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسرائيل وحشياڻين ڪاررواين جون سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن، اسڪول جي ٻارن تي حملو کلي جارحيت آهي اهڙي طرح جي ظلم جي تاريخ ۾ مثال نٿي ملي. رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف غزه فلسطين جي اسڪول تي اسرائيلي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اسرائيل پنهنجي وحشياڻي ڪاررواين جون سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن، اسڪول جي ٻارن تي حملو کلي جارحيت آهي اهڙي طرح جي ظلم جي تاريخ ۾ مثال نٿي ملي. عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومون اسرائيل جي وحشياڻي ڪارروائين کي روڪڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي.وزيراعظم چيو ته اسان هڪ دفعو ٻيهر پنهنجو مطالبو ورجايون ٿا ته فلسطينين جي نسل ڪشي ۽ جنگي ڏوهه تي اسرائيلي قيادت ۽ سيڪيورٽي فورسز کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو وڃي، اسرائيل کي سندس ظالماڻي ڪارروائين جي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. اسرائيل جي خلاف عالمي انصاف واري عدالت جي فيصلي تي عمل ڪرايو وڃي.شهباز شريف چيو ته پاڪستان هر محاذ تي پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم شهباز شريف حملي ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جي لاءِ دعا ڪئي ۽ سندس پوئينرن کي صبر عطا ڪرڻ جي پڻ دعا ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو