ٽائون چيئرمين خلاف جهوني جيالي جو احتجاج

سيٺارجا( سجاد علي ڪٻر) پ پ پ جي جهوني جيالي ۽ وڏي عرصي کان دم جي بيماري ۾ ورتل 80 ساله ولي محمد ڪٻر صحافين آڏو پاڪ  ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي دانهيو  آهي ته سندس  پٽ ٽائون ڪاميٽي ٺري ميرواهه ۾ ملازم هيو جيڪو فائر برگيڊ ذريعي هڪ  باهه لڳڻ واري واقعي دوران باهه وسائڻ دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويو هيو جنهن کي هڪ سال کان مٿي عرصو گذرڻ باوجود ٽائون چيئرمين ٺري ميرواهه علي داد جوڳي پاران پينشن جا پئسا ڏيڻ لاءِ هڪ سال کان مون جهڙي ڪراڙي بيمار کي آفيس جي در جا ڌڪا کارائي کارائي رلائي ڇڏيو آهي گهر جو الهه تلهه کپائي پٽ جي پينشن جا پئسا وٺڻ لاءِ ڪراين ڀاڙن ۾ خرچ ڪري ڇڏيا آهن پر ڪو تدارڪ ڪرڻ وارو نه آهي ويتر مون کي ڪوڙا چيڪ ڏئي پريشان ڪري رهيا آهن جيڪي بئنڪ تي پاس ئي نه ٿا ٿين هن چيو ته پٽ جي فوت ٿيڻ بعد مون کي ڪابه نوڪري نه ٿا ڏين جنهن ڪري غربت واري زندگي گذاريان پيو  جنهن بابت پارٽي اڳواڻن علائقي جي چونڊيل ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي بنگلن جا پڻ ڪيترائي ڀيرا چڪر ڪاٽيا آهن جيڪي رڳو دلاسا ڏئي موٽائي ڇڏين ٿا ۽ ٽائون چيئرمين ڪنهن جي به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي هن پارٽي  چيئرمين بلاول ڀٽو کي اپيل ڪئي ته پٽ جي رهيل پينشن ۽ ڪوٽا واري نوڪري ٻئي پٽ کي  ڏياري وڃي .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو