يو اين ڪشمير جو گارنٽيئر آهي،ڪردار ادا ڪري،ڀارت وڙهيو ته وڙهنداسين،عمران

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشميرين جو گارنٽيئر اقوام متحده آهي ۽ کين حق خوداراديت ڏيارڻ سندن ذميواري آهي. اهو يو اين جو ٽيسٽ ڪيس آهي. اهڙو اظهار هن اقوام متحده جي 74 هين جنرل اسمبلي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڀارت جنگ مسلط ڪئي ته اسين هٿيار ڦٽا نه ڪنداسين پر وڙهنداسين اهو اسانجو ايمان آهي ته الله هڪ آهي ڪنهن ٻئي آڏو نه جهڪبو. هن خبردار ڪيو ته پاڪستان پاڙيسري ملڪ کان ستوڻ تي ننڍو ملڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن وٽ ايٽمي هٿيار به آهن، جنگ ٿي ته دنيا ان جي اثرن کان متاثر ٿيندي. هن چيو ته مودي ڪشميرين تي غيرانساني ظلم ڪري رهيو آهي، 13 هزار نوجوانن کي گرفتار ڪيو آهي، مڪمل ڪشميري قيادت قيد آهي، ڀارت نواز قيادت به قيد آهي. ڪشميرين سان جانورن کان به بدتر سلوڪ ڪيو پيو وڃي. هن مطالبو ڪيو ته فوري طو55 ڏينهن کان لاڳو ڪرفيو ختم ڪيو وڃي. هن 45 منٽ کان وڌيڪ تقرير ۾ ڀارت ۽ خاص ڪري مودي سرڪار کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. هن زياده وقت ڪشميرين تي ٿيندڙ  ظلمن تي ڳالهايو. هن چيو ته اسين جڏهن اقتدار ۾ آياسين ته قسم کاڌو هو ته پر امن طريقي سان مسئلا حل ڪبا ۽ خطي ۾ امن قائم ڪبو. اسين دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي ۽ هزارين ماڻهن جو نقصان برداشت ڪيو، مون 1980 ۾ جنگ جي مخالفت ڪئي هئي جڏهن مغرب جي فنڊنگ سان سوويت يونين خلاف وڙهياسين، پاڪستان فوج مجاهدن کي تربيت ڏني ۽ انهن آزادي جي جنگ وڙهي، سوويت يونين وارا کين دهشتگرد چوندا هئا ۽ اسين کين آزادي پسند چوندا هئاسين، 1989 ۾ جڏهن سوويت يونين ٽٽو ته آمريڪا ٽپڙ ويڙهيا ۽ هليا ويا، اسان ڌاري قبضي خاطر جهاد ڪيو جڏهن آمريڪا افغانستان ۾ آيو ته چون ٿا ته اهو جهاد نه پر دهشتگردي آهي، آمريڪا اسان جي خلاف ٿي ويو جيڪو اسان لاءِ هڪ ڀيانڪ خواب آهي. طالبان ۽ القائده اڳ۾ ئي افغانستان ۾ هئا اسان ڇا پيا ڪيري سگهون، اسين اقتدار ۾ آياسين ته فيصلو ڪيو ته انهن جو نيٽ ورڪ ختم ڪيو پر ڀارت اڃا الزام ٿو هڻي ته نيٽ ورڪ موجود آهي. مان اقوام متحده جي مبصرن کي دعوت ٿو ڏيان ته هو پاڻ اچي ڏسن ۽ فيصلو ڪن. هن چيو ته اسانجا روس ۽ افغانستان سان دوستاڻه تعلقات آهن ۽ ڀارت سان به اختلاف ختم ڪرڻ چاهيون پيا، ڀارت ۾ منهنجا دوست آهن، مان ڀارت وڃڻ ۾ خوشي محسوس ڪريان ٿو. اچو تجارت ذريعي معاملا حل ڪريون، مودي چوي ٿو ته پاڪستان مان حملا ٿين ٿا، اسين چئون ٿا ته بلوچستان ۾ حملا ڀارت مان ٿين ٿا. ان بعد 20 سالن جو ڪشميري نوجوان خود ڪش حملو ڪيو ته ڀارت الزام پاڪستان تي هنيو، اسين کين چيو ڪو تر جيترو به ثبوت آهي ته ڏيو، هنن حملو ڪيو ۽ اسين جوابي ڪاروائي ڪئي. اسين سمجهو ته ڀارت اليڪشن لاءِ اهو ڪيو آهي پر چونڊن بعد هنن اسانکي دهشتگردن جي مالي معاونت واري فهرست ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جي نيت 5 آگسٽ تي واضح ٿي وئي جڏهن هنن ڪشمير جي خودمختاري ختم ڪئي، 9 لک فورسز تعينات ڪيون ۽ 80 لک ماڻهن مٿان ڪرفيو مڙهيو ويٺا آهن. اوهان کي خبر هجڻ گهرجي ته مودي آر ايس ايس جو زندگي ڀر جو ميمبر آهي، جيڪا تنظيم هٽلر ۽ مسوليني کان متاثر ٿي ٺاهي وئي هئي. اها تنظيم سمجهي ٿي ته هندن جو سونهري دور اڳ۾ مسلمانن ۽بعد برطانوي راڄ جي ڪري ختم ٿي ويو هو، اهو عروج واپس ڪرائجي. ڀارت مسلمانن جو خاتمو چاهين ٿا، اها اهڙي سوچ آهي جنهن ۾ ماڻهو احساس برتري جي چڪر ۾ مغرور ٿي بيوقوفاڻيون ۽ ظالماڻيون ڪاروايون ڪندو آهي، جيڪو ڪجهه مودي ڪري رهيو آهي. ڇا مودي کي خبر آهي ته ڪرفيو هٽڻ بعد ڇا ٿيندو، هو ڇا ڪندو، ڇا ڪشميري هن جي ورتل اپائن تي چپ ڪري ويهندا، گذريل 30 سالن ۾ هڪ لک کان مٿي ڪشميري ماريا ويا آهن ۽ 11 هزار کان مٿي عورتن جي لڄالٽ ڪئي وئي پر دنيا ڪشميرين لاءِ ڪجهه نه ڪيو. هن چيو ته جڏهن ماڻهو ٻاهر ايندا ته خون خرابو ٿيندو. فوج وڌيڪ ظلم ڪندي، نتيجي ۾ ڪشميري وڌيڪ انتها پسند ٿيندا، وري ڪو پلواما جهڙو واقعو ٿيندو ۽ وري اسان تي الزام لڳندو. هن چيو ته ڪشمير ۾ انساني الميو آهي، دنيا سوا ارب جي مارڪيٽ کي ڏسندي يا انساني المي جو نوٽيس وٺندي. عمران خان موسمياتي تبديلين، مني لانڊرنگ ۽ اسلامو فوبيا بابت به تفصيل سان ڳالهايو.

پهنجو تبصرو موڪليو