يوٽيليٽي اسٽور انتظاميا رمضان پيڪيج تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام

ٽنڊوباگو ( رپورٽ ڄام سھيل سمون ) وزير اعظم عمران خان جي اعلانيل رمضان پيڪيج تي يوٽيليٽي اسٽور انتظاميا عمل  ڪرائڻ ۾ ناڪام بدين ضلع جي پنجن ئي تعلقن جا لکين غريب ھاري مزدور ۽ ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ ماڻھو سستو سامان حاصل ڪرڻ واري پيڪيج کان محروم ٿي ويا آھن ان سلسلي ۾ شھرين شاھجهان، عبدالرحمان، الستي سجاد، پرويز انصاري، عامر ميمڻ ۽ ٻين چيو ته بدين سميت ضلع جي تعلقي ٽنڊوباگو،    تلھار، ماتلي ۽ گولاڙچي تعلقي جي شھرن ۾ قائم يوٽيلٽي اسٽورن تي کاڌي پيتي جي شين اٽو، گيھہ، کنڊ ۽ ٻين ضروري کاڌي پيتي جي شين جو وڏو بحران آھي ان کي حل ڪرڻ ۾ انتظاميا مڪمل ناڪام ٿي چڪي آھي ھزارين ماڻھو روز اسٽورن تان خالي ھٿين ھليا وڃن ٿا رمضان پيڪيج جي ناڪامي سبب واپاري اٽو، گيھہ، کنڊ، آئل ۽ دالين سميت عام واھپي جون شيون مھانگي اگھ تي وڪرو ڪن ٿا جنھن ڪري ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ پورھيتن جا يوٽيليٽي اسٽورن تي مسلسل احتجاج جاري آھن پر انتظاميا اگھور ننڊ ۾ ستل آھي۔ ھنن چيو ھڪ طرف ملڪ ۾ لاڪ ڊائون جي ڪري غريب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رھيا آھن ته ٻي طرف حڪومت جي اعلانيل پيڪيج کي به بيوروڪريسي عوام تائين پھچڻ نٿي ڏي ھنن وزير اعظم پاڪستان کان مطالبو ڪيو آھي ته بدين ۾ يوٽيليٽي اسٽور ڪارپوريشن جي نااھلي ۽ عوام دشمني جو نوٽيس وٺي رمضان پيڪيج تحت ضلع جي ھر اسٽور تي سامان جي فراهمي کي يقيني بنايو وڃي۔ ٻئي پاسي يوٽلٽي اسٽورن تي خريداري لاء ايندڙ سوين گراهڪ بغير مائوس ماسڪ پائڻ جي اچن ٿا جنهن ڪري ڪورونا ڦھلجڻ جو خطرناڪ حد تائين انديشو پڻ آھي ۽ انتظاميا پاڻ به ايس او پيز تي عمل ڪندي نظر ڪونه ٿي اچي۔ رابطي ڪرڻ تي يوٽلٽي اسٽور ٽنڊوباگو جي انچارج ٻڌايو ته اٽو، کنڊ، گيھ وغيره اسان کي مٿان کان ملي ئي گھٽ ٿو جيڪو اسان گراهڪن کي ڏيون ٿا۔ هن چيو ته سيڪيورٽي جو انتظام نه هجڻ ڪري به انتظام بدنظمي جو شڪار ٿيو وڃي جنهن سبب رش جو فائدو وٺندي ڪجھ ماڻھو ٻه ڀيرا به سامان وٺيو وڃن۔

پهنجو تبصرو موڪليو