يونيورسٽي اسڪينڊل: اڳوڻي وي سي خلاف جاچ جو حڪم

لاهور: (ويب ڊيسڪ) اسلاميه يونيورسٽي بهاوالپور جي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اطهر محبوب جي خلاف مالي بدعنوانين ۽ انتظامي بي ضابطگين جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي.هائر ايجوڪيشن کاتي ڏکڻ پنجاب طرفان ڊاڪٽر اطهر محبوب خلاف جاچ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هائر ايڪويشن جي ٺاهيل ڪميٽي اڳوڻي وائيس چانسلر جي خلاف لڳايل الزامن جي جاچ ڪندي.ان حوالي سان هائر ايجوڪيشن ڏکڻ پنجاب طرفان جاچ ڪميٽي جي ٽرم آف ريفرنس ۾ به تبديلي نظر آئي آهي. اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور جي شاگردن جون غيراخلاقي تصويرون ۽ منشيات استعمال ڪرڻ جو اسڪينڊل سامهون اچڻ کان پوءِ اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اطهر محبوب خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته بهاوالدين ذڪريا يونيورسٽي ملتان جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد علي کي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي.ڪميٽي يونيورسٽي اسڪينڊل سان جڙيل سمورن ماڻهن جي هر پهلو کان جاچ ڪري رهي آهي يونيورسٽي جو چيف سيڪيورٽي آفيسر به منشيات هٿ اچڻ کان پوءِ هن وقت جيل ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو