ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس 96 ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيل ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن يوسف ٺيلهي واري خلاف غير قانوني هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو رکڻ واري ڪيس جو چالان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي. چالان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گرفتاري وقت جوابدار جي کيسي مان 250 رپيا روڪ رقم جڏهن ته غير قانوني هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد پڻ هٿ ڪيو ويو هو. چالان ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار جي مفرور ساٿي رياض الدين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. واضح رهي ته اڳوڻي ايس ايس پي اظفر مهيسر پريس ڪانفرنس دوران جوابدار کي 96 ماڻهن جو قاتل قرار ڏنو هو جڏهن ته جوابدار انٽرويو ۾ سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات جو پڻ انڪشاف ڪيو هو جنهن جي ويڊيو جاري ٿيڻ تي وڏي وزير ان جو نوٽيس وٺندي انڪوائري جو حڪم ڏنو جنهن بعد ڪميٽي جي رپورٽ تي ايس ايس پي اظفر مهيسر کي صوبي بدي ڪيو ويو.
