يورو فٽبال ڪپ ۾ اٽلي جي فتح، انگلينڊ ۾ سوڳ

لنڊن(ويب ڊيسڪ) ويمبلي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل يورو ڪپ فٽبال جي فائنل ميچ ۾ دلچسپ ۽ سخت مقابلي بعد اٽلي پلينٽي ڪڪس تي انگلينڊ کي ٻن گولن جي مقابلي ۾ ٽن تان شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو ڪپ کٽي ورتو. جنهن بعد انگلينڊ ۾ سوڳ ۽ اٽلي ۾ جشن ملهايو پيو وڃي. اٽلي جي مختلف شهرن ۾ ڪيتريون ڇوڪريون شرٽ لاهي سينو کولي گهمنديون رهيون. ٻنهي ٽيمن ۾ سخت مقابلو ٿيو 90 منٽن جي راند دوران هڪ هڪ گول سان مقابلو برابر رهيو. ريفري اضافي وقت ڏنو ان ۾ به مقابلو برابر رهيو.

Euro cup football final match between Italy and England 2020

جنهن بعد پينلٽي ڪڪس جو فيصلو ٿيو. راند جي شروعاتي ٻن منٽن ۾ انگلينڊ جيلوڪ شا پهريون گول ڪيو. انگلينڊ 55 سالن بعد يعني 1966 بعد فائنل م پهتي هئي.  اٽلي ٻئي هاف مقابلو برابر ڪيو. پينلٽي ڪڪس تي انگلينڊ جي پليئرز جو اٽلي جي گول ڪيپر ڪڪ روڪي ورتي. انفلينڊ جا رانديگر توڙي شائقين روئندا رهيا. ياد رهي ته اٽلي 4 ڀير فٽ بال ورلڊ ڪپ ۽ ٻه ڀيرا يورو ڪپ ۾ فاتح رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو