اسلام آباد)ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي پاڪ ڀارت ميچ جي نتيجي تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي.شاهد آفريدي سوشل ميڊيا تي لکيو ته کٽڻ ۽ هارائڻ مقابلي جو حصو آهي پر جيت جو ارادو نه ڏيکارڻ ۽ نه وڙهڻ خراب آهي.شاهد آفريدي پاڪستاني ٽيم جي رانديگرن لاءِ لکيو ته توهان دوست ايندڙ ميچ ۾ ان کان بهتر پرفارم ڪري سگهو ٿا.هن ڀارتي بيٽسمينن جي واکاڻ ڪندي لکيو ته ڀارت سمورن شعبن ۾ سٺي راند کيڏي.واضح رهي ته گذريل ڏينهن ايشيا ڪپ جي ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي 228 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي هئي، جڏهن ته ساڳئي ٽورنامينٽ ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل پهرين ميچ برسات سبب مڪمل نه ٿي سگهي هئي.
