وڏي وزير جي پروٽوڪول ۾ شامل موبائل سان حادثو، اهلڪار فوت

لاڙڪاڻو (ن س) لاڙڪاڻي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي پروٽوڪول ۾ شامل پوليس موبائل حادثي جو شڪار ٿي وئي. پوليس موجب موبائل موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي ويندي اوٺا چوڪ تي اونڌي ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ موبائل ۾ سوار هڪ پوليس اهلڪار فوت ٿي ويو، جڏهن ته 6 اهلڪار زخمي ٿي پيا. فوتي اهلڪار جو مڙهه ۽ زخمين کي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال نيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو