اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف کي سزا ٻڌائيندڙ جج واري ويڊيو اسڪينڊل ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راجا جواد عباس حسن چيو آهي ته هن ڪيس ۾ دحشتگردي ايڪٽ جون شقون لاڳو نٿيون ڪري سگهجن. اڱاري تي جاري ڪيل فيصلي ۾ هن اهي شقون ختم ڪندي ڪيس سائبر ڪرائيم ڪورٽ منتقل ڪرڻ جو حڪم ٻڌايو. هن ڪيس ۾ 23 جولاءِ تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو. ياد رهي ته مريم نواز پريس ڪانفرنس ۾ جج ارشد ملڪ جي هڪ ويڊيو ڪلپ جاري ڪئي هئي جنهن ۾ هن چيو هوته نواز شريف کي سزا ڏيارڻ لاءِ مٿس دٻاءُ وڌو ويو هو. جج ان ويڊيو کي جعلي قرار ڏنو هو پر حڪومت کيس برطرف ڪري ڇڏيو هو.
