قوم خان کي مينديٽ ڏنو آهي، مٿس داخل ڪيس ختم ڪريو، کوسو

اسلام آباد )بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ لطيف کوسا چيو آهي ته ووٽن جي ڳڻپ دوران اسان جي پولنگ ايجنٽن کي ٻاهر ڪڍيو ويو. اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته تحريڪ انصاف کي اليڪشن ۾ هٿ پير ٻڌي ميدان جنگ ۾ آندو ويو،لطيف کوسا چيو ته اها سٺي ڳالهه آهي، عوام کيس چئن ئي گال تي چماٽ هنئي، چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميواري آهي،سردار لطيف کوسا چيو ته عوام کي حق حاصل آهي ته هو پنهنجا نمائندا اسيمبلي ۾ موڪلي، آرٽيڪل 5 عوام سان وفاداري کي چوي ٿو،هن چيو ته آئين جي اطاعت، فوجي قيادت، عدليه سڀني تي لازمي آهي، جڏهن ڪيس 25 ڪروڙ عوام جي سامهون پيش ڪيو ويو ته عوام اعتماد جو اظهار ڪيو،پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته عمران خان کانسواءِ پاڪستان جي جمهوريت نٿي هلي سگهي، عوام فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته عمران خان مجرم ناهي، صدر پاڪستان کي فوري طور عمران خان کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو