لاهور (ويب ڊيسڪ)فاسٽ بالر وهاب رياض انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.ان حوالي سان وهاب رياض سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته مان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪيو آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، ڪوچز ۽ پنهنجي خاندان جو شڪريو ادا ڪريان ٿو.وهاب رياض لکيو ته استادن، ساٿين، مداحن ۽ هر ڪنهن جي مهرباني جن مون کي سپورٽ ڪيو.










