وزيرستاني پٺاڻ جو ڌرتي ڌڻين تي حملو، پوليس خاموش

ٺٽو(جاويد لطيف ميمڻ) اونگر ويجهو ڪوئلي کاڻيون لڳائيندڙ اتر وزيرستان جي غير مقامي پٺاڻن پاران ڳوٺ ڇڇر ٻَٻر جي رهواسين تي حملو ڪري ٻروچ ٻٻر، سندس پٽ شاھنواز ٻٻر ۽ سندس گھر واري کي سخت زخمي ڪري وڌو. جن کي جھرڪ اسپتال علاج لاء نيو ويو آھي، زخمي ٻروچ ٻٻر چيو ته اتر وزيرستان جي ولي خان پٺاڻ، عمر خان پٺاڻ ۽ ٻين سندن زمينن تي قبضا ڪري سندن جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو آھي. ھن چيو ته ڪوئلي جي کاڻين جو زهريلو پاڻي سندن ڳوٺن ڏانهن نيڪال ڪرڻ سميت سندن زمينن تي قبضي خلاف شڪايتون ڪرڻ تي پٺاڻن جي ڏنڊا بردار ۽ هٿياربندن ماڻھن اسانجي گھر تي حملو ڪري مونکي، منھنجي گھر واري ۽ منھنجي پٽ شاهنواز ٻٻر کي سخت زخمي ڪيو آھي، اسان تي حملو ڪندڙ غير مقامي پٺاڻن کي مقامي پوليس ۽ وڏيرن جي پٺڀرائي به حاصل آهي. ھن چيو ته ساڻن وڏي نانصافي ڪئي ويئي آھي. ھنن گھر ڪئي ته ساڻن انصاف ڪري سندن زمينن تي قبضو ڪندڙ توڙي کين زخمي ڪندِڙ حملي آور جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري کين تحفظ مھيا ڪري کين بااثر ماڻھن جي زيادتين مان نجات ڏياري وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو