وزيراعظم گيس جي قيمتن ۾ واڌ تي ناخوش، رپورٽ طلب

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف گيس جي قيمتن ۾ تازي واڌ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آڊٽ رپورٽ طلب ڪري ورتي.رپورٽ موجب وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف توانائي واري وزارت کان هڪ کان 3 مهينن ۾ 16 ٽاسڪ مڪمل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. وزيراعظم هڪ مهيني ۾ گيس جي قيمتن ۾ تازي واڌ جي فرانزڪ آڊٽ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.شهباز شريف گيس جي قيمتن ۾ تازي واڌ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اوگرا ۽ گيس ڪمپنين جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو ۽ 3 مهينن ۾ گيس انفراسٽرڪچر، گيس چوري ۽ ناقص ڪارڪردگي تي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ايران، پاڪستان گيس پائپ لائن منصوبي جي مانيٽرنگ جي لاءِ فوري طور تي بين الوزارتي ڪميشن قائم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو