ڪاش مان به 500 ڪرپٽ ماڻهن کي جيل موڪلي سگهان، عمران خان

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي ترقي ۾ وڏي رڪاوٽ ڪرپشن آهي ۽ ڪاش مان به چين جي صدر جيان 500 ماڻهن کي جيل موڪلي سگهان ها. اهڙو اظهار هن تجارت جي فروغ لاءِ قائم چيني ڪائونسل کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان کي سکڻ جي ضرورت آهي ته چين ماڻهن کي غربت مان ڪيئن ڪڍيو؟ پهرين چين پاڪستان کان سکيو ۽ هاڻ پاڪستان چين کان سکندو. هن وڌيڪ
چيو ته چيني صدر شي جن پنگ ڪرپشن خلاف سخت مهم هلائي رهيو آهي ۽ اُن جو ئي نتيجو آهي جو چين ڪرپشن ۾ ملوث 400 وزيرن کي جيل موڪليو. ڪاش آئون به چيني صدر جي پوئيواري ڪندي 500 ڪرپٽ ماڻهن کي جيل موڪلي سگهان، ڇاڪاڻ جو ملڪ ۾ سيڙپڪاري نه ٿيڻ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ به ڪرپشن آهي. هن چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر وارن تي مشتمل آهي جيڪو زبردست ليبر فورس آهي. سي پيڪ جي حوالي سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اُنهن منصوبن ۾ ڪيترين ئي وزارتن جي عمل دخل جي ڪري سي پيڪ اٿارٽي قائم ڪئي وئي، گڏوگڏ گوادر سمارٽ پورٽ سٽي منصوبي کي به بهتر بڻايو ويو آهي. پاڪستان تعميرات، تيل جي صنعت، ڪوئلي ۽ سون جي صنعت ۾ به چين طرفان سيڙپڪاري ٿيڻ جي خواهش رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان دنيا جي 72 ملڪن جي سياحن کي ايئرپورٽ تي ويزا ڏيڻ جي سهولت ڏني آهي. ياد رهي ته عمران خان ٽن ڏينهن جي دوري تي چين پهتل آهي، چين جي ثقافت واري وزير، اسلام آباد ۾ چين جي سفير ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير نغمانه هاشمي سندس استقبال ڪيو هو. کيس گارڊ آف آنر به ڏنو ويو ۽ چيني هم منصب سان گڏ هن ان جو معائنو ڪيو هو. هو چين جي صدر شي جن پنگ ۽ هم منصب لي ڪي چيانگ سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا به شريڪ ٿيندو، جيڪو پڻ چين ۾ آهي ۽ هن چيني هم منصب ۽ چيني فوجي آفيسرن سان ملاقات ڪئي آهي. جنهن ۾ ايران، اڦغانستان ۽ ڪشمير جي صورتحال ۽ ممڪنه نتيجن ۽ ٻه طرفي فوجي تعاون وڌائڻ بابت ڳالهيون ڪيون. هوڏانهن صدر عارف علوي اڱاري تي چين جي اقتصادي راهداري وارن منصوبن تي تڪڙي عملدرآمد لاءِ اٿارٽي قائم ڪرڻ بابت صدارتي آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو آهي. بيجنگ ۾ چين جي توانائي جي وڏي گروپ گيزهوبا جي سربراهه وزيراعظم سان ملاقات ڪري توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. وزيراعظم سان گڏ پرڏيهي کاتي جو وزير شاهه محمود قريشي، منصوبه بندي جو وزير خسرو بختيار، تجارت جو مشيررزاق دائود، پيٽروليم جو نديم بابر ۽ سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين زبير گيلاني به گڏ آهن. امڪان آهي ته سوشل سيڪٽر، زراعت، تجارت، سيڙپ ڪاري بابت ياداشت نامن تي صحيحون ڪيون وينديون. وزيراعظم جو هي دورو ان وقت ٿي رهيو آهي جڏهن ميڊيا ۾ اهي خبرون عام آهن ته آمريڪي دوري بعد پاڪستان حڪومت اقتصادي راهداري تي عملدرآمد سست ٿي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان ماضي ۾ نواز شريف دور ۾ ڪيل معاهدن ۾  ردو بدل چاهي ٿو جيئن شرط نرم ڪري سگهجن. وزيراعظم پاڪ چائنا بزنس فورم کي خطاب ڪندو ۽ چيني واپارين سان ملندو. هڪ سال ۾ عمران خان جو هي چين جو ٽيون دورو آهي. ڪجهه مبصرن جو خيال آهي ته  ٻنهي ملڪن ۾ مختلف سببن جي ڪري ماکي کان مٺن تعلقات جي مٺاس ۾ ڪجهه ڦڪائي اچي وئي آهي. عمران خان چاهي ٿو چين کان رعايت وٺي ميان نواز شريف تي سياسي دٻاءُ وڌائي ته هنن بارگيننگ ۾ پاڪستاني مفاد جو خيال نه رکيو.

پهنجو تبصرو موڪليو