وزيراعظم شهباز شريف سان مولانا فضل الرحمان جي ملاقات

وزيراعظم شهباز شريف سان مولانا فضل الرحمان جي ملاقات

لاهور:(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال سميت اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون آهن.پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ملاقات لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي رهائشگاهه ماڊل ٽائون پهتو. ملاقات ۾ گڏيل سياسي، امن امان سميت معاشي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم شهباز شريف بجيٽ تفصيلن بابت مولانا فضل الرحمان سان مشاورت ڪئي. جڏهن ته پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان شهباز شريف کي عوامي ريليف جي قدمن بابت تجويزن کان آگاهه ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو