وزيراعظم جو اسلاموفوبيا جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پيغام

وزيراعظم جو اسلاموفوبيا جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پيغام

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف اسلاموفوبيا جي روڪٿام جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسلاموفوبيا جي روڪٿام جو عالمي ڏينهن آهي، اسلام جو مذهب پوري انسانيت لاءِ امن ۽ هم آهنگي جو پيغام آهي، اسلام کي انتها پسند خيالن سان منسوب ڪرڻ کليل جهالت آهي.هن چيو ته هي ڏينهن اسلام ۽ مسلمانن جي مذهب خلاف تعصب جي مذمت ۾ هڪ عالمي آواز آهي. اڄ مسلمانن لاءِ مذهبي تعصب ۽ تشدد جي واقعن کان تحفظ جو عالمي احساس آهي.وزيراعظم چيو ته اسلاموفوبيا سماجي عدم برداشت، بنيادي مذهبي آزادي ۽ باهمي اتحاد ۽ رواداري جهڙين قدرن کي ڪمزور ڪرڻ جو سبب آهي.شهباز شريف چيو ته مهذب سماج عقيدن جي بنياد تي انساني حقن ۾ امتياز نه ٿا ڪن، پر باهمي احترام ۽ قرباني تي ٻڌل آهن.هن چيو ته پاڪستان اسلاموفوبيا جي بنياد تي سڀني روين جي مذمت ڪري ٿو، اسلامي تعليمات جي مطابق ۽ بين الاقوامي قانونن جي نظر ۾، سڀني انسانن کي برابر حق حاصل آهن.وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان هميشه سڀني بين الاقوامي فورمن تي ذميوارانه انداز ۾ اسلاموفوبيا جي خلاف آواز بلند ڪيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان مستقبل ۾ به دنيا جي قومن ۾ مذهبي رواداري لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.

پهنجو تبصرو موڪليو