وزيراعظم بشير ميمڻ جي الزامن کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان اڳوڻي ڊي جِي ايف آءِ اَي بشير ميمڻ جَي الزامن کي ڪوڙ و ۽ بي بنياد قرار ڏنو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته، بشير ميمڻ کي ڪڏهن به قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪيس ٺاهڻ جو ناهي چيو، ريفرنس فائيل ڪرڻ بشير ميمڻ جو ڪم ئي نه هو ته کيس ڇو چوندُس؟ بشير ميمڻ رڳو اومني گروپ بابت جَي آءِ ٽي ۾ اڳڀرائي تي بريف ڪندو هو، کيس ڪڏهن به مريم نواز سميت نواز ليگ يا پيپلزپارٽي خلاف ڪيسز ٺاهڻ جو ناهي چي. وزيراعظم چيو ته بشير ميمڻ کي رڳو خواجا آصف جَي اقامَي بابت جاچ جو چيو هو ته جاچ ڪريو، اِهو ڪيئن ٿي سگهَي ٿو ته دفاع وارو وزير پرڏيهي اقامو ۽ پگهار وٺندو هُجَي ۽ سندس خلاف ڪاروائي نه ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو